تولا رام ٻالاڻي

تولا رام ٻالاڻي: مشهور اديب ۽ صحافي تولا رام ٻالاڻي، 1886ع ڌاري نوشهري فيروز ۾ منشي مينگهراج ٻالاڻيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهرئين انگريزيءَ کان چوٿين انگريزيءَ تائين ٺارو شاهه ۾ تعليم ورتي، پنجون درجو ڀرين ۾ ۽ ڇهون درجو حيدرآباد جي نوودياله ۾ پڙهيو. هن کي انگريزيءَ جو ايترو ته اڀياس هو، جو گريجوئيٽ به سندس مقابلو نه ڪري سگهندا هئا. هن جي انگريزي تحرير توڙي تقرير عجب ۾ وجهندڙ هوندي هئي. کيس سرڪاري نوڪريءَ کان نفرت هئي ۽ ملڪ جي خدمت لاءِ اُڪير هئي. هن ڪيتريون اخبارون ڪڍيون. سوامي هيمراج جي اردو ڪتاب
’گلزار معنيٰ‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو جيڪو پوءِ ’آتم ڦلواڙيءَ‘ عنوان سان 1909ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
1905ع ۾ بنگال جي ورهاڱي ملڪ ۾ تاءُ پيدا ڪيو، ان هلچل ۾ هن خاص بهرو ورتو. ان وقت انگريزن جو وڏو ڏهڪاءُ هوندو هو ۽ سرڪار خلاف ڪجهه ڪڇڻ تي جيل جا دروازا ڏسڻا پوندا هئا. ان زماني ۾ هن Voice of Sindh’ ۽ ’صداءِ سنڌ‘ نالي 2 اخبارون جاري ڪيون جن ۾ انگريزن خلاف سخت مضمون ۽ خبرون شايع ڪندو هو، نتيجي طور هي ٻئي اخبارون حڪومت ضبط ڪيون. ان کان پوءِ هن ’ديش ماتا‘ اخبار جاري ڪئي. جڏهن پريسن هيءَ اخبار ڇپڻ کان انڪار ڪيو ته وقتي هٿ سان پئسي پئسي وارن نوٽ بڪن تي لکي ظاهر ڪندو هو پر اها هٿ- اخبار به ضبط ڪئي وئي. هن سنڌ شيوڪ نالي هڪ ماهوار رسالو به جاري ڪيو، جيڪو پوءِ هفتيوار ڪڍڻ لڳو، اهو پڻ پريسن ڇپي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. هن جي لکڻي بيباڪ هوندي هئي ۽ سچائي سندس مول متو هوندو هو. هن 1908ع ۾ نوشهري فيروز ۾ نوجوانن جي هڪ ’شيوڪ منڊيلي‘ قائم ڪئي جنهن جو مقصد شهر جي خدمت هو. هن منڊليءَ ۾ سندس 10 ساٿي هوندا هئا.
تولا رام ٻالاڻي، نوشهري فيروز جي صوفي شاعر پير ڪمال وٽ ايندو ويندو هو. کيس شاعري ۾ قدرتي ڏات مليل هئي. هو عام گفتگوءَ ۾ شعرن جا مثال ڏيندو هو. شاعريءَ ۾ ’عاجز‘ تخلص ڪم آڻيندو هو، هن ڪيترا مشاعرا به ڪرايا.
تولا رام ٻالاڻي کي قدرت لکڻ جي عجيب ڏات ۽ سگهه
عطا ڪئي هئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’جيءَ اندر جنگ‘،
(2) ’گيان گلزاري‘ ۽ ٻيا شامل آهن. هن انگريزيءَ ۾ شاعري ڪئي، ان کان سواءِ کيس فارسي ۽ اردو تي به عبور حاصل هو. هن اردوءَ ۽ سرائڪي ۾ به شاعر لکيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو